اداسي الهبچايو زنئور

اداسي الهبچايو زنئور

اداسي الهبچايو زنئور

اداسي الهبچايو زنئور: مشھور فنڪار ۽ شاعر اداسي الھبچايو زنئور پھرين جنوري 1944ع تي، ڳوٺ محمد خان زنئور، تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. پرائمري جا شروعاتي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ڳوٺ جي بزرگن وٽ موسيقيءَ جون محفلون ٻڌي کيس ڳائڻ جو شوق ٿيو. راڳ جي سکيا 1977ع ۾، يڪتاري جي مشھور فنڪار استاد محمد بچل لغاري (رهندڙ ٽنڊي محمد خان) کان حاصل ڪئي. ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي 1992ع ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس آڊيو ڪئسٽ جو هڪ البم به مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ميلن تي ٿيندڙ موسيقيءَ جي محفلن ۾ پنھنجو فن پيش ڪيو اٿس. هن وقت ٽنڊي الھيار ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو